پاڪستاني معيشت ۽ عوام لاءِ سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ماهوار اقتصادي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ جنوري 2024 ۾ مهانگائي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي.
ناڻي واري وزارت ماهوار اقتصادي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب ملڪي معيشت جي بحالي جو عمل جاري آهي، نومبر ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي هاڪاري نظر اچي رهي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ربيع سيزن جا پيداواري هدف حاصل ڪيا ويا آهن، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداواري ايراضي ۾ ٻه سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
اقتصادي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نومبر ۾ ناڻي جي پهچ ۾ سالياني بنيادن تي 3.6 سيڪڙو واڌ ٿي، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين وياج جي ادائيگين ۾ 63 سيڪڙو واڌ ٿي، ڊسمبر ۾ مهانگائي 28.5 سيڪڙو ۽ جنوري 2024 ۾ 25 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي.
رپورٽ موجب جولاءِ کان نومبر تائين برآمدن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته جولاءِ کان نومبر تائين درآمدون 16 سيڪڙو گهٽ ٿيون، ان دوران جاري کاتن جو خسارو 64.5 سيڪڙو گهٽ ٿيو، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين بجيٽ خساري ۾ 31.9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.