پاڪستان ۾ سال ٻه هزار ٽيويهه جو سج لهي ويو

پاڪستان ۾ نئون سال 2024ع شروع ٿيڻ کان 9 ڪلاڪ اڳئي دنيا ۾ نئون سال شروع ٿي ويندو ۽ سڀ کان پهريان پئسفڪ سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽن ۾ نئون سال شروع ٿيندو آهي.

پاڪستان ۾ نئين سال جي شروعات 31 ڊسمبر جي رات جو 11 لڳي 59 منٽ، 59 سيڪنڊن کان پوءِ ٿيندي آهي، پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نئون سال 9 ڪلاڪ اڳ ئي شروع ٿي ويندو آهي.

دنيا ۾ سڀ کان پهريان 2024ع جي شروعات پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽ ٽونگا ۽ ڪيريباتي ۾ ٿيندي، اتي پاڪستان کان 9 ڪلاڪ اڳ نئون سال شروع ٿيندو آهي، ان ننڍي ٻيٽ ۾ پاڪستاني وقت موجب منجهند جو ساڍي ٽي وڳي کان پوءِ نئون سال شروع ٿيندو آهي.

ان ٻيٽ ۾ گھڻي انساني آبادي نه آهي ان ڪري اتي نئين سال جي شروعات ايتري اهميت نٿي رکي.

ٽونگا ۽ ڪيريباتي کان پوءِ نئين سال جي شروعات نيوزيلينڊ جي سڀ کان وڏي شهر آڪلينڊ ۾ ٿيندي آهي جيڪا پاڪستاني وقت موجب شام جو 4 وڳي پوءِ ٿيندي آهي.

يعني جڏهن پاڪستان ۾ 31 ڊسمبر جي شام هوندي آهي، انهيءَ وقت نيوزيلينڊ ۾ نئون سال شروع ٿي ويندو آهي. نيوزيلينڊ دنيا جو اهو پهريون وڏو ۽ مشهور ملڪ جڏهن ته آڪلينڊ اهو پهريون شهر آهي جتي نئين سال جي شروعات سڀ کان پهريان ٿيندي آهي.

نيوزيلينڊ کان پوءِ نئين سال جي شروعات روس جي ڏارانهين ٻيٽ ۾ ٿيندي آهي جتي پاڪستاني وقت موجب 31 ڊسمبر جي شام جو 5 وڳي کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويو.

رپورٽ موجب نيوزيلينڊ ۽ روس کان پوءِ نئين سال جي شروعات آسٽريليا ۾ ٿيندي آهي، جتي پاڪستان جي شام جو 6 وڳي کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويو.

پاڪستان جي شام 6 کان 8 وڳي تائين نئين سال جي شروعات آسٽريليا جي ڏورانهن ٻيٽن ۾ ٿي وئي.

آسٽريليا کان پوءِ نئين سال جي شروعات جاپان ۾ ٿيندي آهي، جنهن کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا سميت ويجهن ملڪن ۾ به نئون سال شروع ٿيندو آهي.

جاپان، اتر ڪوريا، فلپائن، چين، انڊونيشيا، ٿاءِ لينڊ، ميانمار، بنگلاديش، نيپال، سري لنڪا ۽ ڀارت کان پوءِ پاڪستان ۾ نئون سال شروع ٿيندو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته دنيا ڪيترن ئي ملڪن ۾ 2024ع جي شروعات ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ 25 ڪلاڪ بعد ۾ به ٿيندي.

سڀ کان آخر ۾ نئون سال ڪٿي شروع ٿيندو؟

نئين سال جي شروعات جي 25 ڪلاڪن کان پوءِ آمريڪي ٻيٽ سمووا ۾ نئون سال شروع ٿيندو آهي، جنهن جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ بيڪر آءِ لينڊ دنيا جو اهو آخري هنڌ هوندو جتي 2024ع جي شروعات ٿيندي پر اتي آبادي نه آهي تنهنڪري اتي نئين سال جي آجيان ڪندڙن ڪو به نه هوندو.

يعني آمريڪن سمووا جا رهواسي ئي سڀ کان آخر ۾ نئين سال جو جشن ملهائيندو.

سمووا کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ به نئين سال جي شروع ٿي ويندي آهي ۽ دنيا ايشيا جي گھڻن ملڪن ۾ نئين سال جي شروعات کان پوءِ يورپ ۽ آفريقا ۾ ترتيبوار نئون سال شروع ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.