تعليمي ميدان ۾ پاڪستان کي وڏو اعزاز ملي ويو

بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿاءِ لينڊ جي راڄڌاني بينڪاڪ ۾ بيسٽ ايشين پرنسپل جي مقابلي ۾ ڪينٽ پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج ملتان جي پرنسپل بينش سعيد بهترين ايشين پرنسپل جو ايوارڊ کٽي ورتو.
پاڪستان جي استادن ۽ شاگردن نه رڳو ملڪ پر پرڏيهه ۾ به پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان کي عالمي سطح تي وڏو اعزاز ملي ويو آهي.
بينڪاڪ ۾ ايشين ايجوڪيشن ڪنڪليو منعقد ڪيو ويو جتي بيسٽ ايشين پرنسپل ڪيٽيگري ۾ 15 ملڪن مان 2085 پرنسپلز مقابلي ۾ حصو ورتو.
ان مقابلي ۾ 275 شارٽ لسٽڊ اميدوارن کي آن لائين ٽيچنگ، ماسٽر ٽريننگ، ڪوچنگ، تربيتي ڪورسز ۾ بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪامياب قرار ڏنو ويو.
پرنسپل بينش سعيد گذريل 22 سالن کان تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.