بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن لاءِ 10 نڪاتي ايجنڊا جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڳڙهي خدا بخش (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ 10 نڪاتي ايجنڊا جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ پراڻي سياست کي دفن ڪندي، ڪجهه قوتن سوچيو ته بينظير ڀٽو کي رستي تان هٽائي پ پ کي ختم ڪري ڇڏينديون، ملڪ کي رڳو پ پ بچائي سگهي ٿي، رڳو پ پ مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، مون کي پ پ جي جيالن تي فخر آهي.

هن چيو ته ملڪ کي رڳو عوامي راڄ ڏکيائين مان ڪڍي سگهي ٿو، ملڪ ۾ ڪا جماعت وفاق کي بچائي سگهي ٿي ته اها پ پ آهي، پ پ جو مقابلو ڪنهن سياستدان يا سياسي جماعت سان ناهي، پ پ جو مقابلو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان آهي، پ پ چونڊن کان ڊڄي نٿي ۽ ان کي مقابلو سمجهي ٿي، قائد عوام سيکاريو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي.

سندس چوڻ هو ته سياسي جماعتون ۽ سياستدان ماضي بڻجي چڪا آهن، پ پ پراڻي سياست کي دفن ڪندي، پ پ ورهاست، نفرت ۽ پراڻي سياست جو خاتمو ڪندي، ڪو جيل مان نڪرڻ ۽ ڪو جيل کان بچڻ لاءِ سياست ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، پ پ مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آهي.

جلسي دوران بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ 10 نڪتا پيش ڪيا.

هن چيو ته 5 سالن ۾ پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين، غريب طبقي لاءِ 300 يونٽ سولر انرجي جو انتظام ڪنداسين، برابر معياري تعليم جا منصوبا پيش ڪنداسين، سڄي ملڪ ۾ صحت جو مفت نظام لاڳو ڪنداسين، ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏينداسين ۽ ڪچين آبادين ۾ رهندڙن کي مالڪاڻا حق ڏينداسين، غريب عوام کي بي آءِ ايس پي جهڙن پروگرامن تحت مدد فراهم ڪنداسين، هاري ڪارڊ جاري ڪنداسين، سڄي ملڪ جي مزدورن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين، نوجوانن جي يوٿ ڪارڊ ذريعي مدد ڪنداسين، سمورن ڊويزنز ۾ يوٿ سينٽر قائم ڪنداسين.

پ پ چيئرمين چيو ته 8 فيبروري تائين پ پ جا جيالا پنهنجا اختلاف وساري ڇڏين، پ پ تياري پڪڙي ورتي آهي، دمادم مست قلندر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.