ڳڙهي خدا بخش (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان غريب ملڪ ناهي پر اسلام آباد غريب آهي، مسئلو اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي سوچ جو آهي ته انهن جي سوچ نٿي جاڳي.
ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان 73ع جي آئين کي بحال ڪيو، پاڪستان کي الله پاڪ وڏن وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان غريب ملڪ نه رڳو اسلام آباد غريب آهي.
هن چيو ته مسئلو اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي سوچ جو آهي، اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي سوچ نٿي جاڳي، عوام جا مسئلا رڳو سياستدانن کي نظر ايندا آهن، پ پ عوام سان ڪيل هر واعدو پورو ڪيو آهي، عوام جو حق سنڀاليو آهي ۽ اڳتي به عوام جو حق ادا ڪندا رهنداسين.
سندس چوڻ هو ته بلاول جيڪي واعدا ڪيا آهن، اهي سڀ پورا ڪندو، پنهنجي قول تان ڪڏهن ناهي ڦريو، عوام صبر ڪري، لحاظ ڪري، پاڪستان کي ٺاهينداسين.
اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي چئي سگهان ٿو ته قرض لاهي ڇڏيو آهي.
پاڪستان غريب ملڪ ناهي، مسئلو اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي سوچ جو آهي: آصف زرداري
You might also like