اسٽاڪ ايڪسچنيج ۾ سخت ٻاڙائي کانپوءِ تيزي، انڊيڪس ۾ 1692 پوائنٽن جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ٻاڙائي کانپوءِ تيزي اچي وئي.
اربع ڏينهن 100 انڊيڪس 1692 پوائنٽون واڌ سان 60863 تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 2251 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو.
100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 61009 رهي، بازار ۾ 66 ڪروڙ 93 لک شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.
شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 16 ارب 11 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 207 ارب رپيا وڌي 8816 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.