جهانوي ڪپور پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي پڇتاءَ تان پردو کڻي ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي پڇتاءَ تان پردو کڻي ڇڏيو.

هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪارا انڪشاف ڪيو ته جڏهن پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ڪئي ته ان وقت اهو فيصلو ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي ماءُ کان ڪا به مدد نه وٺندي.

جهانوي ڪپور جو چوڻ هو ته هن جو پنهنجي ماءُ سري ديوي کان مدد نه وٺڻ جو فيصلو، سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو پڇتاءُ ۽ ندامت آهي.

اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ماءُ کي فلم سيٽ تي اچڻ کان منع ڪندي هئي ۽ هاڻ کيس افسوس ٿيندو آهي ته ائين ڪرڻ گھرجي ها، هوءَ سپر اسٽار طور سندس مدد ڪري سگھي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.