چمن جي بيروزگار نوجوانن کي هر مهيني 20 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت چمن جي مقامي بيروزگار ماڻهن کي خاص پيڪيج تحت 20 هزار رپيا ماهوار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان حڪومت چمن جي مقامي بيروزگار ماڻهن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت رجسٽرڊ ماڻهن کي 20 هزار رپيا ماهوار فراهم ڪيا ويندا، ڇو ته حڪومت کي چمن جي عوام جي مسئلن جي خبر آهي.
هن چيو ته رجسٽرڊ ماڻهن کي ميسيج وصول ٿي ويندا ۽ جيڪي رجسٽرڊ ناهن، اهي چمن فٽبال اسٽيڊيم ۾ ڪائونٽر تي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين.
سندس چوڻ هو ته هيل تائين 400 ماڻهو رجسٽرڊ آهن ۽ جيڪي رهجي ويا آهن، انهن کي پاڻ رجسٽريشن ڪرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.