سکر: اغوا ٿي ويل غلام حسين سولنگي جو بيدردي سان قتل ڪيل لاش هٿ

سکر: (ويب ڊيسڪ) اغوا ٿي ويل غلام حسين سولنگي بيدردي سان قتل لاش دبر ٿاڻي جي حد مان هٿ مليو.

ڪجهه ڏينهن اڳ غلام حسين سولنگي عدالت مان حاضري تان واپس ويندي اوچتو لاپتا ٿي ويو هو.

مقتول جي پٽ عابد سولنگي موجب پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ احسان چاچڙ ۽ بختار چاچڙ جن 32 جريب زمين تي قبضو ڪيو هو انهن سان مسئلو هلندڙ هو، والد غلام حسين سولنگي زمين تي قبضي خلاف سکر عدالت ۾ حاضري تي ويل هو ان کانپوء کيس اغوا ڪيو ويو.

هن چيو ته والد جي بازيابي لاء بائجي ۽ پنوعاقل پوليس کي درخواست ڪئي پر انهن اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو پوء ايس ايس پي سکر آڏو احتجاج ڪيوسين.

سندس چوڻ هو ته والد غلام حسين کي جوابدارن اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيو آهي.

پوليس چيو ته لاش جهنگ مان هٿ آيو مقتول جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا

غلام حسين سولنگي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث چڪ جي ڳوٺ آندلاڻي ڀرسان کڻائي ويا لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.