سنچورين ٽيسٽ، ربادا ڀارتين کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا، مهمان ڏکيائين جو شڪار

سنچورين (ويب ڊيسڪ) سنچورين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ڀارتي بيٽرن ڏکڻ آفريقي بالرن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ 208 رنسن تي ڀارت جون 8 وڪيٽون ڪري پيون.
ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سنچورين ۾ کيڏي پئي وڃي، جتي ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڀارتي بيٽر ڏکڻ آفريقا بالنگ اٽيڪ اڳيان بيوس ٿي ويا ۽ پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ڀارت جون 208 رنسن تي 8 وڪيٽون ڪِري پيون.
ڪپتان روهت شرما 5، جيسوال 17، شبمن گل 2، ويرات ڪوهلي 38، شرياس ائير 31، ايشون 8، شردل ٺاڪر 24 ۽ بمرا هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڪي ايل راهول ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ناقابل شڪست 70 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد سراج کاتو کولڻ بنا ان سان گڏ ڪريز تي موجود آهي.
ڏکڻ آفريقا طرفان ڪگيسو ربادا 5 شڪار ڪيا، جڏهن ته ناندري برگر 2 ۽ مارڪو جانسن هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.