سڪرنڊ (رپورٽ-لطيف جمالي) سڪرنڊ ڀرسان درگاهه پير ذاڪري ون واري علائقي مان اڻڄاتل هٿياربند دوڪاندار کان مبينا طور تي پنج لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا.
ٻه نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن امرلال جي ڪريانه اسٽور تي چڙهائي ڪري کيس يرغمال بڻائي پنج لک روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي سڪرنڊ پوليس واقعي واري هنڌ پھچي تفصيل ورتا.
متاثر دوڪاندار جو چوڻ هو ته آئون دڪان تي ويٺو ھئس تہ اوچتو موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن دڪان ۾ داخل ٿي يرغمال بڻايو ۽ دڪان ۾ پيل پنج لک روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا.