ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ نصرت سحرعباسي سياست ڇڏي ڪئناڊا لڏي وئي.
2002ع کان 2018ع تائين نصرت سحر عباسي فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽ تي ميمبر بڻي، سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙن عورتن ۾ پهرين نمبر تيرهي.
نصرت سحر عباسي سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي عوام جا مسئلا، ڪرپشن، جعلي ڀرتين،عورتن جي مسئلن سوڌو ٻين اهم اشوز کي اجاگر ڪيو. نصرت سحر عباسي سياسي ڇڏي ڪئناڊا لڏي وئي آهي.
You might also like