ياسر عرفات کي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو هاءِ پرفارمنس ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي اڳوڻي آل رائونڊر ياسر عرفات کي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو هاءِ پرفارمنس ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر ياسر عرفات جي مقرري آسٽريلوي ڪوچ هيملوٽ جي جاءِ تي ڪئي ويندي ۽ ٽيسٽ سيريز کانپوءِ هيملوٽ کي تبديل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب ياسر عرفات جي مقرري ڊائريڪٽر محمد حفيظ جي سفارش تي ٿي آهي، کيس شروعات ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ پاڪستان انڊر 19 جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.
ياسر عرفات لنڊن کان اسلام آباد پهچي ويو آهي ۽ هو 3 جنوري تي ٽيم سان گڏ آڪلينڊ ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.