ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماءُ پيءُ جيڪي هڪ سال کان گهٽ عمر جي ٻار کي ماکي کارائيندا آهن، انهن کي گهرجي ته هو ان کي فوري طور تي بند ڪن ڇو ته ان سان ٻار کي ڪيترين ئي بيمارين جو خطرو ٿي سگهي ٿو.
ماکي ۾ قدرتي طور تي ڪلستريڊيم نالي هڪ بيڪٽيريا هوندو آهي ۽ اهو هڪ سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ انفنٽ بوٽولزم جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
هن بيماريءَ ۾ ٻار کي کير پيئڻ ۾ تڪليف، روئڻ ۾ ڪمزوري، حرڪت ۾ تڪليف ۽ قبض جهڙيون علامتون محسوس ٿي سگهن ٿيون.
والدين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي ٻار کي ماکي يا ٻيو پروسيس ٿيل کاڌو نه ڏين جنهن ۾ ماکي شامل هجي.