اينجلينا جولي جو دنيا جي ٻٽي معيار تي چٽو موقف

ممبئي: (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ سپر اسٽار اينجلينا جولي عالمي انصاف ۽ انساني حقن جي ٻٽي معيار تي تنقيد ڪندي ان کي عالمي مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو آهي.

شام جي فلمساز ود الخطيب کي انٽرويو ڏيندي اداڪارا چيو ته انساني حق دنيا جي هر خطي ۾ هڪ جهڙا هجڻ گهرجن پر ائين ناهي.

هن چيو ته دنيا تجارتي مفادن جي اصولن تي هلندي آهي ۽ ڪولونيل ازم جي خاتمي باوجود ترقي پذير ملڪ ظلم جي گهاڻي ۾ پيهجي رهيا آهن.

اينجلينا جولي چيو ته گڏيل قومن جهڙي اداري ۾ انصاف جي ورڇ برابر ناهي ۽ جن کي ويٽو جو حق حاصل آهي اهي دنيا جا فيصلا ڪن ٿا.

واضح رهي ته اداڪارا گذريل مهيني غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جي به سخت مذمت ڪندي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.