”صحت جو ڀرپور خيال رکو“ چوندي پروفيسر لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ڪانپور ۾ يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب دوران سينيئر پروفيسر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

55 ورهين جو پروفيسر سمير کانڊيڪر اڳوڻي شاگردن جي تقريب کي خطاب ڪندي صحت جي معيار کي بلند رکڻ جو مشورو ڏئي رهيو هو.

لاڏاڻي وقت سندس آخري لفظ هئا ته پنهنجي صحت جو ڀرپور خيال رکو.

ائين چوڻ کان پوءِ پروفيسر سمير کي ڪجهه بيچيني محسوس ٿي.

هن پنهنجي سيني ۾ تڪليف محسوس ڪئي ۽ ويهي رهيو.

ماڻهن اهو سمجهيو ته شايد هو جذبات ۾ آهي پر پوءِ خبر پئي ته کيس دل جو دورو پيو هو ۽ ٿوري دير ۾ کيس پگهر اچڻ شروع ٿي ويو، جيستائين کيس اسپتال نيو ويو، تيستائين هو فوت ٿي چڪو هو.

خيال رهي ته پروفيسر ڪوليسٽرول جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ معمولي علاج هلندڙ هو.

هن جرمني مان پي ايڇ ڊي به ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.