”ڪير به لاپتا ناهي، اسلام آباد مارچ دهشگردن جي سهولتڪاري لاءِ هو“

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان مان ڪير به گم ناهي، جڏهن ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ دهشتگردن جي سهولت لاءِ هو.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته تربت کان ڪوئيٽا ۽ بعد ۾ ڪوئيٽا کان اسلام آباد لانگ مارچ هڪ منصوبي تحت ڪيو ويو.

هن چيو ته تربت واقعي کانپوءِ بلوچستان حڪومت سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس ۽ واقعي جي انڪوائري سميت ٻيا جائز مطالبا مڃيا پر ان باوجود اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو ويو.

هن چيو ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ دراصل دهشتگردن کي سهولت ڏيڻ هو.

جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۾ نسلي تعصب جي ڪري ماڻهن کي ماريو پيو وڃي پر ڪو آواز نٿو اٿاري، بلوچستان مان ڪو به گم ناهي، لانگ مارچ ۾ شريڪ جن ماڻهن جا نالا کنيا پيا وڃن، اهي پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪئمپن ۾ آهن يا ڀارت ۾ تربيت وٺي رهيا آهن.

هن چيو ته لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ پنهنجي ايجنڊا ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ٿيندا ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري جهڙا مطالبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.

ياد رهي ته بلوچستان ۾ جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿانهين قتلن جي خاتمي جو مطالبو ڪندي بلوچ مظاهرين حڪومت کان گرفتار سمورن احتجاج ڪندڙن کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ ۽ مٿن الزام ختم ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽي ميٽم ڏنو آهي.

بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ٿيل 100 کان وڌيڪ ميمبرن کي عدالتن ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي ۽ اڃا تائين گم آهن.

بلوچ سوليڊياريٽي ڪائونسل پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته 350 جي کن مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان 33 جي ضمانت منظور ڪئي وئي، 250 کان وڌيڪ اڃا تائين جيل ۾ آهن ۽ 100 کان وڌيڪ اڃا تائين عدالت ۾ پيش نه ٿيا آهن ۽ اهي اڃا تائين گم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.