لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي سبب عوام پريشان آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، مان عوام کي چوان ٿو ته سندن ساٿ ڏين، هو هارين ۽ مزدورن کي سندن حق ڏيارڻ چاهين ٿا.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پيپلز پارٽي سياسي انتقام تي يقين نٿي رکي، مخالفن کي دعوت ڏئي ٿي ته اسان هڪ ٿي وڙهون.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي موڪليل سائفر ڪاپي جو ڪو به رڪارڊ ناهي، سائفر ڪيس سنگين مسئلو آهي، ججن کي جاچ ڪرڻ گهرجي ته سائفر جي پويان ڪهاڻي ڇا آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي رليف ملي رهيو آهي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڪنهن سياسي پارٽي سان ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
هن چيو ته ميان صاحب جو نعرو هو ته مون کي ڇو ڪڍيو، هن اليڪشن کانپوءِ سندس نعرو هوندو ته هن مون کي ڇو سڏيو.