ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هر گذرندڙ لمحي سان سياسي سرگرمي وڌي رهي آهي ۽ اڄ 2024ع جي عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي.
نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت اڄ شام 4:30 وڳي ختم ٿي ويو.
عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن به ڪاغذن جي جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن دوران اڪثر سياسي اڳواڻن پنهنجا فارم جمع ڪرايا.
اين اي 130 تان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
ريٽرننگ آفيسر چيو ته نواز شريف جي ڪاغذن جي جاچ 26 ڊسمبر تي 1 وڳي ٿيندي.
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ بلال ياسين چيو آهي ته نواز شريف شهر جي دل مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، نواز شريف سڄي پاڪستان مان چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، نواز شريف کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره مان به اليڪشن وڙهندو، نواز شريف تي هاڻي ڪو به ڪيس ناهي، سڀ ڪجهه واضح آهي.
ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا اين اي 127 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، چوڌري اسلم گل، علي قاسم گيلاني، عزيز الرحمان ريلي جي صورت ۾ رٽرننگ آفيسر جي آفيس پهتا ۽ ڪاغذ جمع ڪرايا.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي اين اي 248، 250 ۽ 250 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
ان کان سواءِ اين اي 263 ڪوئيٽا جي تڪ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن دنگل ۾ ڪراچي بلديا ٽائون تڪ ڌيان جو مرڪز هوندو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جو صدر، اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال آمهون سامهون هوندا. شهباز شريف اين اي 40 لاهور ۽ قصور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرايا آهن.
لاهور جي تڪ اين اي 119 تان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز ۽ پاڪستان استحڪام پارٽي جو صدر عبدالعليم خان آمهون سامهون ٿيندا، عبدالعليم خان به قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻن سيٽن لاهور ۽ خانيوال مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي ماءُ ريحانه امتياز سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 71 تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف سان مقابلو ڪندي.
پشاور جي تڪ اين اي 32 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي غلام احمد بلور وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ٻنهي اڳواڻن هن تڪ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
اين اي 30 تان پي ٽي آءِ جي شاندانا گلزار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. ساڳئي تڪ تان اي اين پي جو ارباب زين عمر به اميدوار آهي.
اڳوڻي صوبائي وزير علي امين گنڊاپور اين اي 44، پي ڪي 112 ۽ پي ڪي 113 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، اين اي 44 تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي جو فيصل ڪريم ڪنڊي به ميدان ۾ لهندا.
ان کانسواءِ ڪراچي جي تڪ اين اي 234 ڪورنگي تان ايم ڪيو ايم جي فراز الرحمان، جماعت اسلامي پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امير العظيم لاهور جي تڪ اين اي 126 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
ڪراچي ڊويزن ۾ هن وقت تائين ڪل 1405 فارم جمع ڪرايا ويا آهن، جن ۾ قومي اسيمبلي جي 22 سيٽن لاءِ 333 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ 1072 فارم جمع ڪرايا ويا آهن.
ملتان ۾ اين اي 150 تان مخدوم جاويد هاشمي ۽ شاهه محمود قريشي جڏهن ته اين اي 148 تان اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
شاهه محمود جي پٽ ۽ ڌيءَ به اين اي 150 تان ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.