سکر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب صوبو وڃايو، چاردر آف ڊيموڪريسي سبب اسان جا ڪارڪن ڪمزور ٿي ويا آهن.
سکر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اڄ اسان ڏسون ٿا ته اقتدار خاطر ماڻهو منهن ڦيرائي وڃن ٿا، جيڪي چوندا هئا ته مون کي ڇو ڪڍيو ۽ ووٽ کي عزت ڏيو، ميڊيا ٻڌائي ته ڇا ووٽ کي عزت ملي رهي آهي؟
هن چيو ته جڏهن تحريڪ انصاف جو باني ٻاهر اچي ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندو ته ان کي رليف چيو ويندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ عدليه کي شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سينيئر سياستدان اعتراف ڪيو ته پيپلز پارٽي پنجاب صوبو وڃائي چڪي آهي.
هن چيو ته 15 سالن تائين مسلم ليگ سان ڀائرن وانگر ڪم ڪيو ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت سڀني کي گڏ ڪيو.
خورشيد شاهه چيو ته هر پارٽي کي ليول پلينگ فيلڊ ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اليڪشن جي اهڙي طريقي کي ڪير به قبول نه ڪندو ۽ غير شفاف چونڊون ٿيڻ سان پاڪستان جي رياست ۽ هر اداري کي نقصان ٿيندو.