پيپلزپارٽي عاصما عالمگير ۽ ارباب عالمگير کي پرچائي ورتو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي صدر محمد علي شاهه باچا، ارباب عالمگير ۽ عاصمه عالمگير کي پرچائي ورتو.

ذريعن موجب ارباب خاندان کي پرچائڻ ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ارباب عالمگير ۽ سندس پٽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي سيٽ تان چونڊ وڙهندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عاصمه عالمگير پيپلز پارٽي طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ حاصل ڪندي.

ارباب عالمگير اين اي 31 ۽ زرڪ خان پي ڪي 80 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، جڏهن ته عاصمه عالمگير قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

ٻئي طرف ارباب عالمگير چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کان شڪايتون هيون جيڪي ختم ٿي ويون،پيپلز پارٽي جمهوري پارٽي آهي، اختلاف جمهوريت جو حسن آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.