باهه لڳڻ بعد ڇت ڊهي پئي، ماءُ پنهنجي اٺن ئي ٻارن سميت فوت

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) ايبٽ آباد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب ايبٽ آباد جي ڳوٺ تهيڙي ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳي وئي.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب ڪچي گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا دٻجي ويا.

مقامي ماڻهن پنهنجي مدد سان 9 ڄڻن جا لاش ملبي مان ڪڍيا.

ريسڪيو ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته فوتين ۾ هڪ ماءُ ۽ 8 ٻار شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.