جيالو اميدوار گڏهه گاڏي تي فارم جمع ڪرائڻ پهتو، وزيراعظم بلاول جا نعرا

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ منفرد انداز اختيار ڪيو آهي.

جاويد ناگوري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ گڏهه گاڏي تي ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) آفيس پهتو.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ضلعي ڏکڻ جي ڊي سي آفيس ٻاهران نعريبازي پڻ ڪئي.

ضلعي ڏکڻ جي ڊي سي آفيس ”وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري“ جي نعرن سان گونجي پئي، هي پهريون ڀيرو ناهي جو ڪو سياسي اڳواڻ هن منفرد انداز ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ آيو هجي.

2018ع جي چونڊن ۾ جمشيد دستي ريٽرننگ آفيسر جي آفيس پهچي گڏهه گاڏي تي اچي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي ڪاوڙيل اميدوار انجم اقبال به گڏهه گاڏي تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.