پي ٽي آءِ باني جي اليڪشن وڙهڻ جو امڪان،ٻيون ڀيرو فارم جمع

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) بيريسٽر لاميا نيازي ۽ بلال عمر بودلا اين اي 89 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

ان حوالي سان بلال عمر بوڊلا جو چوڻ آهي ته صورتحال جي سنگيني سبب ٻيهر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

هن چيو ته توشه خاني ڪيس جو فيصلو به معطل ڪيو ويندو ۽ پي ٽي آءِ باني اليڪشن ۾ حصو وٺندو.

بلال عمر بودلا وڌيڪ چيو آهي ته بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ کي واپس ڪيو ويندو.

هن جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کانسواءِ ڪو به اليڪشن قبول نه ڪندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي تڪ اين اي 122 تان پي ٽي آءِ باني جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.