نوشين شاهه پاران غلطي سان حرام کائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ طرفي محبت جو اقرار ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نوشين شاهه حرامکائڻ جي حوالي سان انڪشاف ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
پنهنجي تازي انٽرويو ۾ اعتراف ڪندي نوشين شاهه چيو ته آئون لنڊن ۾ دوري دوران غلطي سان خنزير جو گوشت کائي ڇڏيو هو.
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ ايوارڊ شو جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن هئي، هوٽل ۾ ترسڻ دوران بوفي ۾ نيرن ڪرڻ پهتي ۽ هاٽ ڊاگ يا ساسيج سمجهي هڪ شيءِ کائي ڇڏي هئي جنهن جو ذائقو بلڪل مختلف هو جيڪو کيس بلڪل به پسند نه آيو، بعد ۾ هوٽل جي عملي کيس ٻڌايو ته اهو خنزير جو گوشت هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اهو خبر پوڻ تي هوءَ ميزائيل جيان واش روم ڀڳي ۽ الٽي ڪري گوشت کي ٻاهر ڪڍيو.
نوشين شاهه چيو ته ڄاڻي واڻي نه پر غلطي سان کاڌو هو، ان واقعي کان پوءِ هر هنڌ تصديق ڪندي آهيان ته کاڌو حلال آهي يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.