ڪنگنا پاران بي جي پي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) روز تڪراري خبرن ۾ ايندڙ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت ايندڙ سال ڀارت ۾ ٿيندڙ عام چونڊون وڙهي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪندي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪارا جي پيءُ تصديق ڪئي آهي ته ڪنگنا رناوت ايندڙ سال ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندي.
ڪنگنا جي سياست ۾ اچڻ جا افواهه ان وقت زور پڪڙيو جڏهن هن گذريل هفتي بي جي پي جي نيشنل پريزيڊنٽ جي پي نڊا سان ملاقات ڪئي.
ڪنگنا اڳ به ڪجهه انٽرويوز ۾ سياست ۾ اچڻ جو اشارو ڏنو هو.
ماضي ۾ ڏٺو ويو ته هوءَ مودي حڪومت ۽ بي جي پي جي حمايت ۾ آواز اٿاريندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.