پارڪ مان لڌل شيشي جو ٽڪرو هيرو نڪتو

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهري کي پارڪ مان لڌل شيشي جو ٽڪرو 4.87 قيراط جو هيرو نڪتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آرڪنساس ڊپارٽمينٽ آف پارڪس، هيريٽيج اينڊ ٽورازم جو چوڻ آهي ته اهو واقعو آمريڪي رياست آرڪنساس ۾ پيش آيو جتي آمريڪي شهري ايونزا پنهنجي گرل فرينڊ سان گڏ پارڪ ۾ گھمڻ لاءِ ويو هو، اتي واڪ ڪندي کيس شيشي جو چمڪندڙ ٽڪرو مليو، جنهن کي ايونز شيشي جو ٽڪر سمجهي کڻي ورتو.
ميڊيا رپورٽن موجب شيشي جو ٽڪرو ڪجهه پنهنجي پاڻ وٽ رکڻ کان پوءِ انونز کي ان بابت ڄاڻڻ جو تجسس ٿيو ۽ ايونز جي پٽ کيس اها ڳالهه پارڪ جي انتظاميا سان شيئر ڪرڻ جو چيو.
ان حوالي سان پارڪ انتظاميا ٻڌايو ته هڪ شهري پاران ڪافي اي ميلز مليون ته هن کي پارڪ مان ڪا چمڪندڙ شيءِ هٿ آهي جنهن تي تحقيقي ڪئي وئي ته خبر پئي ته اهو 4.87 قيراط جو اصلي هيرو آهي.
پارڪ انتظاميا چيو ته هو خوص نصيب آهن ته ايونز هنن کي قيمتي هيرو موٽائي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.