عمران خان جو چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
عمران خان ايڊووڪيٽ لطيف کوسا ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته چونڊن کان اڳ مون کي نااهل ڪرڻ بنيادي حقن جي خلاف آهي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪڙ جو مظاهرو ڪري مون کي 8 آگسٽ تي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو، جڏهن ته تحريڪ انصاف کي پارٽي نشان کان به محروم ڪيو ويو.
عمران خان اپيل ڪئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ توشا خانا ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪيو وڃي، توشا خانا ڪيس ۾ سزا اڳ ئي معطل ٿي چڪي آهي پر هاءِ ڪورٽ رڳو سزا معطل ڪئي سڄو فيصلو نه، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطي جو اليڪشن ڪميشن فائدو ورتو ۽ نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.