اميد ته عدليا مداخلت ڪندي ۽ بيٽ جو نشان بحال ٿيندو: پي ٽي آءِ جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمن بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بيٽ جو نشانو واپس وٺڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪنداسين ۽ اميد ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي ۽ اسان جو نشان بحال ٿيندو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته سائفر ڪيس کي اوپن ٽرائل نٿو سمجهان، اها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، هر انسان جا بنيادي حق آهن، عدالت انهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي، سائفر ڪيس ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪير ٻاهر نه وڃي سگهي، اسان کي اڃا تائين ڪا سرٽيفائيڊ ڪاپي به فراهم ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته تڙ تڪڙ ۾ سڀ شيون ٿي رهيون آهن، سپريم ڪورٽ واضح چيو ته سڀ ڪجهه ڪيو ڪرمنل ٽرائل تڙ تڪڙ ۾ نٿو ڪري سگهجي، اسان کان سواءِ ڪنهن جو به ڪرمنل ٽرائل تڙ تڪڙ ۾ نه پيو ٿئي.
سندس چوڻ هو ته بيٽ جو نشان واپس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين، اميد ته عدالت انصاف ڪندي، سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي ۽ اسان جو نشان بحال ٿيندو، بيٽ پاڪستان جي 70 سيڪڙو عوام جي نشاني آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن آرڊر ۾ ڪو ذڪر نه ڪيو ته جن درخواستون جمع ڪرايون اهي پي ٽي آءِ جو حصو هئا يا نه، اليڪش ڪميشن ذڪر ئي نه ڪيو ته اسان ڪهڙي قانون يا ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي، اسان جي انٽرا پارٽي چونڊن تي ڪو اعتراض نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.