نوشين شاهه هڪ طرفي محبت جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نوشين شاهه هڪ طرفي محبت جو اعتراف ڪندي ان کي جذباتي پختگي جو ايندڙ درجو قرار ڏئي ڇڏيو.
نوشين شاهه تازو ئي خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ فلم ۽ ذاتي زندگي تي کُلي ڪري ڳالهايو.
شو دوران ميزبان هڪ طرفي محبت جي حوالي سان سوال پڇيو ته هڪ طرفي محبت بابت ڇا خيال آهي؟
ميزبان جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا هڪ طرفي محبت کي جذباتي پختگي جو ايندڙ درجو قرار ڏئي ڇڏنو، جنهن تي ميزبان کائنس وضاحت طلب ڪئي.
نوشين شاهه پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته جڏهن اوهان ڪنهن هڪ طرفي محبت ڪندا آهيو ته ڪنهن اميد ۽ توقع کانسواءِ سامهون واري کي هر وقت پنهنجي دعا ۾ رکڻو پوندو آهي، اهو ڄاڻيندي به ته سامهون وارو نٿو ملي سگھي، ان بابت سٺو سوچڻو پوندو آهي ڇو جو اوهان کي محبت آهي، ان جي محبت جي عزت ڪرڻي آهي، ان جي وقار جي به عزت ڪرڻي آهي، ان جو پردو به رکڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.