پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه سرڪارمسلمان فيملي لاز آرڊيننس ۾ ترميمون ڪري ڇڏيون، ڪي جي مڪاني کاتي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب ترميم مسلم فيملي آرڊيننس جي سيريل نمبر 13 ۽ 25 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب نڪاح نامي ۾ ڪيش، نالي تي غير نالي تي ٿيل ملڪيت جي صورت ۾ حق مهر جا تفصيل درج ڪرڻا پوندا، نڪاح نامي ۾ ختمِ نبوت جو حلف به لازمي قرار ڏنو ويو، جنهن موجب گھوٽ ۽ ڪنوار ٻئي ختمِ نبوت جا پابندي هوندا.
نڪاح نامي تي گھوٽ، ڪنوار ۽ ٻنهي جي وڪيلن ۽ شاهدن جون صحيحون هونديون، نڪاح نامي تي نڪاح رجسٽرار جي صحيح ۽ مهر به لازمي قرار ڏني وئي آهي.
Prev Post
You might also like