غيرمعياري کاڌ خوراڪ توڙي طرز زندگي جي ڪري اڄڪلهه بيماريون به عام ٿينديون پيون وڃن، ڪجهه وقت اڳ ڪو به مرض ٿيڻ عمر سان جڙيل هوندو هو پر هاڻي اوچتا موت، کنگهه، چيلهه جو سور توڙي ٻيون بيماريون عام ٿينديون پيون وڃن.
اهڙي ريت شگر، بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۾ واڌ ۽ ڪجهه ٻيون بيماريون تقريبن هر گهر جو مسئلو بڻجي چڪيون آهن، جيڪي انسان جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون.
صحت جا سڀ جو مسئلا اهڙا آهن جن جو ڳانڍاپو ڪجهه کاڌن سان جوڙيو ويندو آهي ۽ انهن مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جو وڏو سبب به کاڌ خوراڪ کي چيو وڃي ٿو، پر صحت جي ماهرن جي نئين ڪيل تحقيق بيمارين کي کاڌن سان جڙيل هجڻ واري خيال کي رد ڪري ڇڏيو آهي.