ڪراچي هاءِ ڪورٽ جو ڪراچي مان 15 ڏينهن ۾ سمورا بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان 15 ڏينهن ۾ سمورا بل بورڊ، بئنر ۽ پوسٽر هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته بل بورڊز ۽ هورڊنگز لڳائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ عوامي هنڌن تي لڳايل بل بورڊن تي پابندي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار موقف پيش ڪيو ته سپريم ڪورٽ 2016 ۾ بل بورڊن تي پابندي جو فيصلو ڏنو هو پر پابندي باوجود عوامي هنڌن تي بل بورڊ لڳايا پيا وڃن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد بابت اهم فيصلو ڏيندي چيو ته 15 ڏينهن اندر شهر ۾ لڳل سمورا بل بورڊ، بئنر ۽ پوسٽر هٽايا وڃن.
عدالت ڪنٽونمينٽ ايگزيڪيوٽ کي عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪندي حڪم ڏنو ته ڪراچي جو ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر عوامي هنڌن تان بل بورڊ هٽرائين، جڏهن ته ڪنٽونمينٽ ايگزيڪيوٽو ايس ايس پيز ذريعي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي.
عدالت پوليس کي بل بورڊ لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته بل بورڊز ۽ هورڊنگز لڳائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.