موبائيل فون روسي فوجي کي موت کان بچائي ورتو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) اڳين کيسي ۾ رکيل موبائيل فون روسي فوجي کي موت کان بچائي ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان فوجي وٽ شيائومي جي فون هئي جيڪا سندس شرٽ جي اڳين کيسي ۾ رکيل هئي.
کيس نشانيباز گولي سان نشانو بڻايو پر گولي سندس کيسي ۾ موجود موبائيل فون جي مٿان لڳي.


گولي لڳڻ سان موبائيل فون ته ٽڪر ٽڪر ٿي ويو پر معجزاڻي طور تي فوجي محفوظ رهيو.
فوجيءَ ٻڌايو ته هن جي فون گولي لڳڻ سبب مڪمل طور تي ٽٽي وئي آهي گولي موبائيل فون جي پٺين حصي ۾ وڃي بيهجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.