منهنجو خواب آهي ته پاڪستان جو ٻار ٻچو موهن جي دڙي کان واقف هجي: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ڪشمير ۽ پنجاب جا نوجوان شيخ اياز کي ائين سڃاڻين، جيئن سنڌ جا نوجوان علامه اقبال کي سڃاڻيندا آهن.
اياز ميلي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان چاهيان ٿو پاڪستان کي هڪ نئين رستي تي وٺي وڃون، جتي اسان پنهنجي تاريخ، پنهنجي ثقافت تي فخر ڪيون، منهنجو خواب آهي ته پاڪستان جو ٻار ٻچو موهن جي دڙي کان واقف هجي.
هن چيو منهنجي عوام کي اپيل آهي ته جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏئي، ڇو ته اڪيلي سر ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي، گڏجي محنت ڪري اسان مستقبل تبديل ڪري سگهون ٿا.
ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري اياز ميلي جو افتتاح ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.