ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو، هاڻ ان جو نالو ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي هوندو.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پ پ قيادت ڪراچي جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو وفا ڪري ڇڏيو، ڪراچي ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جو نالو ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي هوندي ۽ اها وچ ضلعي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين سرڪاري يونيورسٽي هوندي.
سندس چوڻ هو ته پ پ قيادت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
You might also like