کدڙو فقير به چونڊن جي ميدان ۾ اچي ويو، صوبائي سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پهريون ڀيرو کدڙي فقير چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ صوبائي سيٽ تي آزاد حيثيت سان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.
پشاور سان واسطو رکندڙ صوبيا خان تڪ پي ڪي 81 تان صوبائي سيٽ تي آزاد حيثيت ۾ نامزدگي ڪاغذ ڪوهاٽ روڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سيد احمد علي شاهه جي آفيس ۾ جمع ڪرايا.
صوبيا خان موجب چونڊون کٽي کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪڏهن اسان کي اختيار ملي وڃن ته ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.