ن ليگ جو چونڊ شيڊيول ۾ ترميم جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پولنگ جي تاريخ تبديل ڪرڻ بنا چونڊ شيڊيول ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ن ليگ جي اليڪشن سيل جي چيئرمين اسحاق ڊار طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جي ڏينهن کي ڇڏي چونڊ شيڊيول ۾ تبديلي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
اسحاق ڊار طرفان لکيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ رڳو 3 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، اسڪروٽني لاءِ 7 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت انتهائي گهٽ آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ خاص دستاويز گهربل هوندا آهن، اڻ پورن دستاويزن جي بنياد تي نامزدگي ڪاغذ رد ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ بنا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن واڌ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.