پي ٽي آءِ چونڊ نشان ڪيس، اليڪشن ڪميشن کي سڀاڻي تائين فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ چونڊ نشان ۽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي سڀاڻي تائين فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان جي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
اڄ ٻڌڻي ۾ جسٽس شڪيل احمد پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڇو نه ڪيو؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته ڪي پي اسان لاءِ پنجاب کان وڌيڪ محفوظ آهي، اتي ليڊر نٿا وڃي سگهن، زميني حقيقتون آهن ته اسان جي اڳواڻن کي اتي گرفتار ڪيو ويندو آهي.
جسٽس ايس ايم عتيق شاهه چيو ته توهان هاڻ چيئرمين آهيو، توهان مان اهڙي قسم جي بيانن جي اميد ناهي، بئريسٽر گوهر موقف اختيار ڪيو ته انٽرا پارٽي چونڊون پشاور ۾ ٿيون آهن، تنهن ڪري هتي آيا آهيون، مرڪز اسان کي هتي درخواست داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، اليڪشن ڪميشن هر هنڌ آهي، ڪيس ڪٿي به ڪري سگهون ٿا.
پشاور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان جي ڪيس جو فيصلو قانون موجب 22 ڊسمبر تائين ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.