توشا خانا ڪيس جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد، عمران خان جي نااهلي برقرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي.
توشا خانا فوجداري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ فيصلو جاري ڪيو.
چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري 9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ مان سزا جو فيصلو معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ عدالت طرفان سزا معطل ڪيل آهي پر پي ٽي آءِ باني نااهلي ختم ڪرائڻ لاءِ مڪمل فيصلو معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.