اصلي ۽ نسلي آهيان، پي ٽي آءِ لاءِ چِلو ڪاٽيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مان اصلي ۽ نسلي آهيان، پي ٽي آءِ سان گڏ ڄمي بيٺو آهيان.
صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 3 تڪن تان چونڊ وڙهڻ جون خبرون بي بنياد آهن، اين اي 56 ۽ اين اي 57 تان چونڊ وڙهي رهيو آهيان.
هن چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ کانپوءِ هاڻ ڪا گنجائش ناهي رهي، جڏهن ته مان وڏي اڪثريت سان کٽيندس.
سندس چوڻ هو ته مان اصلي ۽ نسلي آهيان، پي ٽي آءِ لاءِ چلو ڪاٽيو آهي، قربانيون ڏنيون آهن، مان انهن خلاف ڪو بيان نه ڏنو، پي ٽي آءِ ۽ عوامي مسلم ليگ هڪ آهن ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڇا جي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.