پي ٽي آءِ چيئرمين جو ليول پليئنگ فيلڊ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ليول پليئنگ فيلڊ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
بئريسٽر گوهر طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ وفاق، اليڪشن ڪميشن ۽ چئني حڪومتن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ کي چونڊ عمل ۾ بنا فرق شرڪت جي اجازت جا حڪم ڏنا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.