ڪائنات اهڙي رازن سان ڀري پئي آهي جن بابت انسان ڄاڻ حاصل ڪري ئي نٿو سگهي، اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن جي تهه تائين پهچڻ انسان لاءِ ممڪن ئي ناهي، ان سان گڏ اهڙا ڪيترائي راز پڻ آهن جيڪي آهن ته انسان کان اوجهل پر انهن بابت انسان ڄاڻ ڳولي لهندو آهي، سائنسدان پهرين ڏينهن کان وٺي ڪائنات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن ڪوشش اهڙن ڪيترن ئي رازن تان پردو کنيو آهي جيڪي انتهائي حيران ڪندڙ آهن.
ڪائنات ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون يا راز آهن جن تان سائنس پردو کڻي چُڪي آهي اهڙي قسم جي ڪجهه رازن بابت اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين جن بابت تمام ٿوري ماڻهن کي ڄاڻ هجي ٿي، پر سائنسي محنتن جي نتيجي ۾ اهڙي حقيقت انسان اڳيان ضرور آئي آهي.