اصلي ۽ نقلي نوٽ ۾ فرق ڄاڻڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 5 هزار رپين جي جعلي ڪرنسي نوٽ جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ شهري پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
گذريل ڏينهن سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 5 هزارن جا جعلي نوٽ پيش ڪيا ويا، جيڪي اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر به نه سڃاڻي سگهيو هو.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ڪميٽي اجلاس ۾ 5 هزار رپين جا جعلي نوٽ پيش ڪيا ويا، ڪميٽي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي به جعلي نوٽ ملي سگهي ٿو ته عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟
جعلي نوٽن جي معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ جي هڪ وڊيو جاري ڪيل آهي، جنهن ۾ اهي ۾ نشانيون ٻڌايون ويون آهن، جن ذريعي شهري اصلي يا نقلي نوٽ ۾ فرق ڄاڻي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.