سيٽ تي شوٽنگ دوران ڀارتي اداڪارا جي وارن ۾ باهه لڳي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) شوٽنگ دوان سيٽ تي ڀارتي ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڇوي متل جي وارن ۾ باهه لڳي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڇوي متل پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ ۽ يوٽيوب چينل تي پنهنجي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ اداڪارا پنهنجي ايندڙ پراجيڪٽ جي شوٽنگ دوران سيٽ تي موجود پنهنجي مڙس موهت حسين سان ڳالهائي رهي هئي.
انهيءَ دوران، ڇوي متل جي وارن ۾ باهه لڳي وئي ته جيڪا خوش قسمتي سان سندس ساٿي اداڪار ڪرن گروور ڏسي ورتي جڏهن ته اداڪارا وارن ۾ لڳل باهه کان اڻڄاڻ هئي.
ڪرن فوري طورتي اداڪارا جي وارن ۾ لڳل باهه وسائي جنهن تي اداڪارا چيو ته مون کي سڙڻ جي بوءِ اچي رهي هئي پر مون کي خبر نه هئي ته منهنجا وار سڙي رهيا آهن.
باهه وسڻ کان پوءِ ڇوي متل پڇيو ته ڇا منهنجا وار سڙيا آهن؟ جنهن تي ڪرن کيس چيو ته ها سڙيا آهن.

Chhavi Mittal (@chhavihussein) / X
ڇوي متل پنهنجي انسٽاگرام تي پوسٽ ۾ چيو ته سيٽ تي حادثا ٿيندا رهندا آهن پر منهنجن وارن ۾ باهه لڳڻ ڀوائتو هو ۽ ڪيمرا آن هجڻ سبب اهو واقعو رڪارڊ به ٿي ويو.
ڀارتي اداڪارا باهه وسائڻ تي ساٿي اداڪار جا ٿورا به مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.