اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي جماعتن لاءِ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب ضابطا اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي به موجود آهن.
اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته سياسي جماعتون، اميدوار اهڙي راءِ جو اظهار نه ڪندا، جيڪا پاڪستان جي نظريي، ملڪي خود مختياري، سلامتي جي خلاف هجي.
پڌرائيءَ موجب سياسي جماعتون اهڙي راءِ جو اظهار به نه ڪنديون، جنهن سان عدليا يا فوج جي شهرت کي نقصان پهچي يا تذليل ٿئي، جڏهن ته اليڪش ڪميشن جي تذليل کان به پاسو ڪيو ويندو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته مخالف اميدوار کي هٿ کڻائڻ يا ان لاءِ رشوت يا تحفو ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، اميدوارن جي چونڊ وقت عورتن جي 5 سيڪڙو نمائندگي کي يقيني بڻايو ويندو.
اليڪشن ڪميشن موجب سياسي جماعتون اهڙي معاهدي ۾ شريڪ نه ٿينديون، جنهن جو مقصد مرد، عورت يا ٽرانسجينڊر کي اميداور بڻجڻ کان روڪڻ يا ووٽ کان محروم ڪرڻ هجي.
You might also like