جيڪڏهن صبح جو الارم ذريعي اٿندا آهيو ته خبردار!

ڇا اوهان صبح جو جاڳڻ لاءِ موبائل فون جي الازم جو سهارو وٺندا آهيو؟
جيڪڏهن ها ته اها عادت موتمار مرض جو شڪار بڻائي سگھي ٿي.
اها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
ورجينيا يونيورسٽي جي اسڪول آف نرسنگ جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صبح جي وقت الارم وڄڻ سان رڳو مونجهارو ئي ناهي ٿيندو پر ان سان بلڊ پريشر به وڌندو آهي ۽ دل جي شريانين جا مرض ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو به وڌندو آهي.
ان تحقيق ۾ ڏٺو ويو هو ته صبح جو زبردستي جاڳڻ لاءِ فون الارم جي مدد وٺڻ سان جسم تي ڪهڙا اثر پوندا آهن.
ان تحقيق ۾ 32 ماڻهن کي شامل ڪري 2 ڏينهن تائين مختلف تجربا ڪيا ويا.
پهرين رات کين الارم کانسواءِ قدرتي طور تي جاڳڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته ٻي رات کين 5 ڪلاڪن جي ننڊ کان پوءِ اٿڻ لاءِ الارم لڳائڻ جو چيو ويو.
سمارٽ واچز ۽ بلڊ پريشر مانيٽر ڪندڙ اوزار ننڊ جي دوران انهن ماڻهن کي پارايا ويا.
ان کان پوءِ محققن قدرتي طور تي جاڳڻ ۽ الارم ذريعي زوريءَ اٿڻ جي اثرن کي ڀيٽيو.
نتيجن مان خبر پئي ته قدرتي طرو تي جاڳندڙن جي ڀيٽ الارم سان اٿڻ تي مجبور ٿيل ماڻهن جي بلڊ پريسڙ ۾ 74 سيڪڙو نمايان اضافو ٿيو.
تحقيق موجب دل جي مرضن جو شڪار ماڻهن کي ننڊ جي کوٽ ۽ اوچتو اٿڻ تي بلڊ پريشر وڌڻ سان وڌيڪ هيڃيڪار اثرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.
واضح رهي ته صبح جي وقت بلڊ پريشر وڌڻ سان فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌندو آهي.
هونئن ته هر فرد جو ئي بلڊ پريشر ڪنهن حد تائين صبح جو اٿڻ وقت وڌندو آهي پر ان ۾ تمام گھڻو اضافو صحت لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگھي ٿو.
محققن ٻڌايو ته جيڪڏهن صبح جو بلڊ پريشر تمام گھڻو وڌي وڃي ته اعصابي نظام متحرڪ ٿيندو آهي جنهن سان دل جي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ اهو وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳندو آهي.
دل جي گھڻي محنت ڪرڻ سان ٿڪ، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيايون، انزائٽي ۽ مٿي جي سور جهڙين علامتن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
هنن چيوته الارم جي استعمال سان گڏوگڏ ننڊ جي کوٽ بلڊ پريشر ۾ نمايان اضافو ڪندي آهي.
سندن چوڻ هو ته نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ پيماني تي تحقيق جي ضرورت آهي پر اهو ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهن کي صبح جا معمول تبديل ڪرڻ گھرجن.
محققن جو چوڻ هو ته اسان کي قدرتي طور تي جاڳڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي يا ننڊ جو وقت وڌائڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.