آءِ پي ايل 2024، پريتي زنٽا پنهنجي ٽيم لاءِ غلط رانديگر چونڊي ورتو

انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2024 جي آڪشن دوران بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا پنهنجي فرنچائز پنجاب ڪنگز لاءِ غلط رانديگر جي چونڊ ڪري ورتي.
ايڪس تي آءِ پي ايل 2024 جي آڪشن جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪ اداڪارا پريتي زنٽا غلط رانديگر کي آڪشن ۾ خريدي ورتو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آءِ پي ايل آڪشن دوران آرگنائيزر ششانڪ سنگهه نالي لاءِ شروعاتي ٻولي 20 لک رپيا لڳائي ته پنجاب ڪنگز طرفان پريتي زنٽا پنهنجو ڪارڊ ڏيکاري ان کي خريد ڪري ورتو، ڪجهه دير کانپوءِ ئي کيس پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي.
پريتي زنٽا رانديگر جي نيلامي لاءِ پيڊل کنيو ۽ آرگنائيزر پليئر جي پنجاب ڪنگز ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو پر اداڪارا فيصلو واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي ته ميزبان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هو رانديگر پنجاب ڪنگز جو حصو بڻجي ويو.
اهڙو واقعو آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيش آيو آهي، جنهن جي وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.