دنيا ۾ پهريون ڀيرو مردن ۾ حمل روڪڻ جي دوا جو ٽرائل شروع ٿي ويو آهي.
ان دوا جا تجربا ڪوئن تي ڪامياب رهيا هئا جنهن کان پوءِ ان جو انسانن تي ڪلينيڪل ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي.
ان دوان کي Quotient Sciences نالي ڪمپني تيار ڪيو آهي ۽ برطانيا سان واسطو رکندڙ 16 مردن کي ڪلينيڪل ٽرائل جو حصو بڻايو ويو آهي.
واءِ سي ٽي 529 نالي ان دوا تي ڪيترن ئي ڪم ڪيو پئي ويو ۽ هاڻي وڃي انسانن تي ان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
اها نان هارمونل (non hormonal) دوا وٽامن اي کي هدف بڻائي ٿي.
اسان جي جسم ۾ وڃي وٽامن اي مختلف شڪلون اختيار ڪري وٺندي آهي ۽ ان تي ٻڌل retinoic acid نالي ريسيپٽر جي فعلن کي اها دوا ماري ڇڏي ٿي.
جسم ۾ وٽامن اي جي کوٽ سان اسپرم ٺهڻ جو عمل بيهجي ويندو آهي ۽ حمل بيهڻ جو امڪان ختم ٿي ويندو آهي.
عام طور تي اهڙي قسم جي حمل روڪيندڙدوائون هارمونز تي ٻڌل هونديون آهن جن سان عورتن ۾ جسماني وزن ۾ اضافي، داغ داڻا ۽ چڙ جهڙا هاڃيڪار اثر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
انهيءَ ڪري واءِ سي ٽي 529 جي تياري ۾ هارمونز جو استعمال ناهي ڪيو ويو.
ڪوئن تي ڪيل تجربن دوران دوا جي استعمال سان اسپرمز جي انگ ۾ ڊرامائي گھٽتائي آئي ۽ حمل روڪڻ ۾ 99 سيڪڙو تائين اثرائتي ثابت ٿي هئي.
نر ڪوئنتي ٿيل تجربن ۾ اها دوا محفوظ ثابت ٿي هئي جڏهن ته اولاد ڄڻڻ جي صلاحيت تي به ناڪاري اثر نه پيا هئا.
محققن کي اميد آهي ته انسانن تي به اها دوا اثرائتي ثابت ٿيندي.
اڃا ان جي پهرين مرحلي جي ڪلينيڪل ٽرائل جي شروعات ٿي آهي جنهن ۾ دوا جي فائدي ۽ ان جي محفوظ هجڻ جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي.
اهو ٽرائل 2024ع جي وچ تائين جاري رهندو ۽ ان جي نتيجن کي ڏسي وڌيڪ ڪلينيڪل ٽرالز ٿيندا.
ڪلينيڪل ٽرائلز جي ڪاميابي کان پوءِ ڊرگ ريگوليٽري کان ان کي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي ۽ ائين ٿيڻ ۾ به اڃا ڪيترائي سال لڳي سگھن ٿا.
محققن موجب اڃا گھڻو ڪم ٿيڻو آهي پر اسان جو مڃڻ آهي ته انسانن تي پهرين تحقيق وڏي اڳڀرائي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like