اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ آفيس جي ترجمان چيو آهي ته لمينيشن پيپرز جي فراهمي سان پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو عمل معمول تي اچي ويو آهي.
پاسپورٽ آفيس اختيارين موجب لمينيشن پيپرز جي فراهمي کانپوءِ پاسپورٽ معمول موجب جاري ڪيا پيا وڃن، پاسپورٽ جي پرنٽنگ ۾ دير جون خبرون بي بنياد آهن.
هن چيو ته فاسٽ ٽريڪ ڪيٽيگري ۾ 3 ڏينهن ۾ پرنٽنگ مڪمل ڪئي پئي وڃي.
پاسپورٽ آفيس جي ترجمان چيو ته ارجنٽ پاسپورٽ جي 5 ڏينهن ۾ ادائيگي يقيني بڻائي رهيا آهيون، نارمل پاسپورٽ هڪ مهيني ۾ جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
You might also like